SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


North South

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔːθiːst
  • sauθ
  • )

From the Dictionary of International Relations:

North South

نارٿ سائوٿ

اُتر ڏکڻ علائقا

بين الاقوامي تعلقات ۾ هيءُ اصطلاح خاص طور امير ملڪن ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل اقتصادي وٿيءَ کي ظاهر ڪندو آهي. جيئن ته اُتر قُطب جا ملڪ اڪثر ڪري وڌيڪ مهذب، ترقي يافته ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڏکڻ قُطب جي ملڪن کان اڳتي آهن، ان ڪري اتر جي ملڪن مان مراد ترقي يافته ملڪ آهن. جڏهن ته ڏکڻ جي ملڪن مان مراد پٺتي پيل اُهي ملڪ آهن، جيڪي جهالت، غربت ۽ تڪليف واري زندگي گُذاريندي، بهتر ڊوڙ ۾ ڪافي پُٺتي پيل آهن. ان فرق خلاف 1960ع جي ڏهاڪي کانپوءِ ڏکڻ جي ملڪن اُتر وارن تي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ خاص ڪري گڏيل قومن جي پليٽفارم کي به استعمال ڪيو ويو. سندن دٻاءَ جي ڪري ”گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ واري ڪانفرنس“ (UNCTAD) جو وجود پيو. ان کانپوءِ OPEC جي صورت ۾ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ گهٽ اُسريل ملڪن کي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ هڪڙو نئون فورم مليو. وقت گذرڻ سان هن اصطلاح جي اهميت گهٽي آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻي ڏکڻ سان لاڳاپيل مُلڪن اُتر ڏانهن مدد لاءِ نهارڻ بدران، پنهنجي اندروني سرشتي کي سُڌارڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن. اولهه جي اُتر قُطب وارن ملڪن ۽ ڏکڻ جي آفريقي، ايشيائي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جي وچ ۾ وسيلن آمدني، دولت، طاقت ۾ وڌيل فرق کي اُتر ڏکڻ وڇوٽي (North South Gap) چيو ويندو آهي.


Remember Me Also:

تيرٿ جاترا

ث. پَوَتر آستان جي جاترا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal